افروز صديقي

افروز صديقي: سنڌ جي نامور ڪھاڻيڪار، ڊرامه نويس، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ تعليمي ماهر، افروز صديقي، 21 جولاءِ 1944ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي.سندس وڏا اصل شڪارپور جا هئا. سندس والد جو نالو حاجي امير علي صديقي هو. هن مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪندي، اديب، عالم، فاضل سنڌي، ايم. اي، بي. ايڊ ۽ هوميوپيٿڪ ڊپلوما (ڊاڪٽري) جون ڊگريون حاصل ڪيون. کيس سنڌي، بلوچي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل آهي. هن 1966ع کان لکڻ شروع ڪيو، سندس پھرين ڪھاڻي ماهوار ’بادل‘ ۾ ڇپي. اُن سان گڏ هُوءَ ريڊيو تي ٻارڙن لاءِ ڊراما، غنايه گيتن ڀريون ڪھاڻيون ۽ ڊراما به لکندي رهي. سندس ڪيترن ئي ڊرامن کي اوارڊ پڻ مليا، جن ۾: ’مٺائي جي دُنيا‘، ’واچ جي چوري‘، ۽ ’انسپيڪشن بنگلو‘ جنھن کي سال 1976ع جو بھترين ڊرامو قرار ڏنو ويو. ’البيلي‘ نالي هڪ فلم لکي ۽ ’ڌرتي دل وارن جي‘ جو اسڪرين پلي لکيو. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1960ع ۾ پرائمري استاد طور ڪيو، ۽ مختلف شھرن ۾ تعليمي خدمتون انجام ڏيندي 2003ع ۾ پرنسپال جي عھدي تان رٽائر ڪيو. هُوءَ دادوءَ ۾ ڊي. اي. او تعليم به رهي. پنھنجي بيحد صلاحيتن سان مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهي، جن ۾: آل سنڌ پ ٽ الف جي مرڪزي نائب صدر، سيڪنڊري ٽيچرس ائسوسيئيشن جي مرڪزي سينئر نائب صدر، ايڊيوڪيشن ڪائونسل سنڌ جي ميمبر، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي ميمبر رهي آهي. اُن کان علاوه پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي مشھور رسالي ’نئون نياپو‘ جي عورتن واري صفحي جي انچارج پڻ رهي آهي. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ’سنڌو ڪناري‘ 1984ع ۾ ’مِس امير صديقي‘ جي نالي سان ڇپيو، جنھن ۾ ڪُل 11 ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن. افروز صديقي گُذريل پنجاهه ورهين کان پنھنجي ماءُ جي نالي سان قائم ڪيل ’زيني پبلڪ هاءِ اسڪول‘، قاسم آباد هلائي رهي آهي. هُوءَ هڪ ڀيرو انڊيا به وئي ۽ اُتان جون يادگيريون ۽ مشاهدا ’ڪنيا ڪُماريءَ کان سنڌوءَ تائين‘ جي عنوان سان سفر نامي صورت ۾ لکيل آهي.


لفظ افروز صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.07.21  عيسوي

سنڌ جي نامور ڪھاڻيڪار، ڊرامه نويس، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ تعليمي ماهر، افروز صديقي، 21 جولاءِ 1944ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀنڊ نظير احمد
جمال عبدالناصر
درس للو
جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ
در محمد عالماڻي
آنند رامچند گولاڻي
رستم علي ٻرڙو
حفيظ ڪنڀر
ڪشنچند پارواڻي
جِم جِي شيفر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون